آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2

آڳاٽو اڻپورو قلمي نسخو2: شاهه عبداللطيف جي رسالي جو هيءُ ٻيو نسخو آهي، هن جي ڪتابت جو سن وغيره ڄاڻايل ناهي. تحرير آڳاٽي آهي. هن نسخي جا فقط 43 ورق دستياب ٿيا آهن، جن ۾ 5 سُر (سرود ڪلياڻ، سر راڳ، سامونڊي، توڏي ۽ سرود سسئي)، 316 بيت ۽ 17 وايون شامل آهن. فقط ’سرود سامونڊي‘ سڄو سربستو موجود آهي، جنهن ۾ شامل بيتن جي ترتيب توڙي ’سرود ڪلياڻ‘ ۽ ’سرود توڏي‘ (سهڻي) هيٺ ڏنل بيتن جي ترتيب ’برٽش ميوزيم‘ واري نسخي سان ملي ٿي، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته هيءُ رسالو جيتوڻيڪ وچئين دور وارن رسالن مان آهي (جيڪي ’سر ڪلياڻ‘ سان شروع ٿين ٿا ۽ هن ۾ پڻ ’سرود ڪلياڻ‘ جدا بيٺل آهي)، مگر هن جي ترتيب ’گنج‘ رسالي جي بدران برٽش ميوزيم واري نسخي مطابق آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو